ڊيري وال

ڊيري وال (ٻيڙي): ڊيري وال، ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي. هيءَ ٻيڙي ڊونڊي ۽ بگوڇڻ جي وچئين ماڊل جهڙي آهي. هن جي آڳل ۽ پاڇل ايتري وريل نه هوندي آهي، پر ٿوري اُڀ ڳاٽي هوندي آهي. هن قسم جي ٻيڙي 35 کان 50 فوٽ ڊگهي ٿئي ٿي. هيءَ ٻيڙي بگوڇڻ وانگر ونجهه، ڳن ۽ سڙهه سان هاڪاري وڃي ٿي. هن ٻيڙيءَ جي ويڪر 10 فوٽن کان 20 فوٽن تائين ٿئي ٿي، جيڪا 1200 مڻن تائين وزن کڻڻ جي طاقت رکي ٿي. هيءَ ٻيڙي بار ڍوئڻ جي ڪم اچي ٿي ۽ ساڳئي وقت گهر لاءِ به استعمال ٿئي ٿي. منجهس ٽي ڪوٺيون ٺاهي سگهجن ٿيون. پاڇل واري ڪوٺي بگوڇڻ وانگر وڏي هوندي آهي، جنهن ۾ هنڌ ٽپڙ رکيا آهن ۽ ساڳئي وقت سياري ۾ سمهڻ جي ڪم به اچي ٿي. وچ واري ڪوٺيءَ ۾ عام طرح ٻيڙيءَ وغيره جو رواجي سامان رکبو آهي. هن قسم جون ٻيڙيون ديري اسماعيل خان تائين نظر اچن ٿيون. سکر کان مٿي انهن ٻيڙين جو واهپو عام آهي. ان ڪري هن ٻيڙيءَ جي قسم کي ’ڊيره وال‘ سڏيو وڃي ٿو. هن ٻيڙيءَ کي پنڊوچي به سڏيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو